هاڻ هي ڊرامو نه هلندو، گم ٿيل ماڻهن کي واپس آڻيو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ 5 سالن کان گم شهري کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، عدالت ٻڌڻي تي دفاع وارو سيڪريٽري ۽ وفاقي گهرو وزارت ۽ ٻين اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري يونس جي عدم بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي، جيڪا عدالت رد ڪندي جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته آفيسرن کي جيل ۾ وجهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، هٿڪڙي کڻي اچو ته  جاچ آفيسر کي هاڻ ئي جيل ٿا موڪليون، هاڻ هي ڊرامو نه هلندو، گم ٿيل ماڻهن کي واپس آڻيو، عدالت چيو ته سيڪريٽري دفاع ۽ گهرو سيڪريٽري کي جيل موڪلي سنڌ هاءِ ڪورٽ مثال قائم ڪندو، عدالت گم ٿيل شهري عبدالرحمان ڪيس ۾ سي سي پي او ڪراچي کي به طلب ڪندي حراستي مرڪز ۾ قيد ماڻهن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري جا گهر ڀاتي لڙڪ لاڙي ويٺا، عدالت سرڪاري وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان ڪجهه ڪيو ئي نه ٿا، عدالت ۾ به پيش نٿا ٿيو، عدالت سنڌ جَي گهرو کاتي، سنڌ پوليس ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔