عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي: گهوٽڪي واسي عورت جو الزام

گهوٽڪي: گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر ناري وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته جوابدار محمد مراد لٻاڻو ٻارڙن جي سامهون لڄ لٽيندو هو ۽ جسم جي مختلف حصن تي چڪ پائيندو هو. هن چيو ته جوابدار هڪ سال تائين بليڪ ميل ڪري خاموش رهڻ لاء دٻاءُ وڌو، خاموش نه رهڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏنيون. متاثر عورت ناز پري دانهيندي چيو ته جوابدار جي هوس پوري نه ڪيم ته زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، جوابدار سان گڏ هڪ مسجد جو مولوي به شامل آهي جيڪو به خاموش رهڻ لاء دٻائيندو هو. ناري ناز پري ٻڌايو ته مجبور ٿي مڙس کي اهڙي زيادتي بابت آگاهي ڏني، ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس مدد نٿي ڪري. معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي,ناري ناز پري لٻاڻو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔