پي ايس 52 عمرڪوٽ تي ننڍي چونڊ ۾غير حتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي ورتي

عمرڪوٽ : پي ايس 52 عمر ڪوٽ تي ننڍي چونڊ جا مڪمل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچي ويا، غير حتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، پي ايس 52 ري سمورين 128 پولنگ اسٽيشنز تي پ پ اميدوار امير علي شاهه 55 هزار 904 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو،جڏهن ته جِي ڊي اَي اميدوار ارباب غلام رحيم 30 هزار 921 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، چونڊ ۾ ڪاميابي ملڻ بعد پ پ جو عمرڪوٽ ۾ جشن، پ پ اميدوار امير علي شاهه چيو آهي ته عمرڪوٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي، مرحوم والد علي مردان شاهه 40 سالن تائين عمرڪوٽ واسين جِي خدمت ڪئي، آئون به خدمت لاءِ هميشا ڪوششون جاري رکندس، جِي ڊي اَي اميدوار ارباب غلام رحيم نتيجن تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، سندس چوڻ آهي ته ميڊيا تي هلندڙ چونڊ نتيجا غلط آهن………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔