لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، جسٽس قاسم خان جي خلاف ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ڪيو ويو. ريفرنس ايڊووڪيٽ محمد آفاق پاران داخل ڪرايو ويو، جنهن جي ڪاپي صدر عارف علوي کي به موڪلي وئي آهي. ذريعن مطابق ريفرنس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف چار الزام لاڳو ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس قاسم خان تي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ مس ڪنڊڪٽ جا الزام لڳائيندي ڄاڻايو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عهدي جو غلط استعمال ڪندي پنجن ڄڻن کي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مقرر ڪرايو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل جي ذريعي پنجن وڪيلن کي پنجاب ۾ لا آفيسر مقرر ڪرايو ويو، شان گل کي خدمتن عيوض لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔