اليڪشن ڪميشن، اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊن بابت آرڊيننس جِي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن، اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊون ڪرائڻ بابت صدارتي آرڊيننس جِي مخالفت ڪري ڇڏي، سينيٽ چونڊن جي حوالي سان موڪليل صدارتي ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي طرفان جواب شاهجيل شهر يار سواتي ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو جيڪو 12 صفحن تي ٻڌل آهي. جواب ۾ چيو آهي ته ملڪي آئين اوپن بيلٽ جِي اجازت نٿو ڏئي، آئين ۾ رڳو وزير اعظم ۽ وڏن وزير جي سڌي ريت چونڊ جي اجازت آهي. اليڪشن ڪميشن پاڙيسري ملڪ ڀارت جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارتي آئين ۾ به ڳجهي بيلٽ جو ذڪر موجود آهي، ڀارتي عدالت به ڳجهي ووٽنگ کي درست قرار ڏنو. واضح رهي ته وفاقي حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ کان راءِ وٺڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس داخل ڪيو هو، جنهن تحت سپريم ڪورٽ طرفان اليڪشن ڪميشن کان رائي طلب ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔