بلاول ڀٽو پاران اليڪشن ڪميشن اڳيان احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ڪميشن اڳيان احتجاج ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن اڳيان احتجاج ۾ پيپلزپارٽي جو وفد شرڪت ڪندو، بلاول 18 جنوري تي سکر ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪندو، ان ان کانپوءِ 19 جنوري تي عمرڪوٽ جو دورو ڪندو، جنهن بعد 23 جنوري تي سرگوڌها واري جلسي ۾ شريڪ ٿيندو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قمرزمان ڪائره چيو ته 19 جنوري تي پي ڊي ايم پاران اليڪشن ڪميشن آفيس اسلام آباد اڳيان احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔