ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم 14 سالن کانپوءِ پاڪستان پهچي وئي

ڪراچي: ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم 14 سالن کانپوءِ پاڪستان پهچي وئي، پاڪستان کان سيريز کيڏڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 2007 کانپو3 پهرين ڀيرون پاڪستان پهتي آهي ۽ 14 سالن کانپوءِ پاڪ سرزمين تي ڪرڪيٽ کيڏندي، مهمان ٽيم جي قيادت ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٽيم سان گڏ ڏکڻ آفريڪا جا آفيشلز به ڪراچي پهتا آهن،ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پاڪستان جي خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميڇز کيڏندي، سيريز کان مهمان رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ ٿيندي ۽ نتيجو اچڻ تائين هو قرنطينه ڪندا، ڪورونا ٽيسٽ ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ رانديگر آچر تي ڪراچي ۾ ٽريننگ ڪري سگهندا، پهرين ٽيسٽ کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي ڪورونا ٽِسٽ ڪئي ويندي، پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ پهريون ٽيسٽ ڪراچي ۾ 26 جنوري کان شروع ٿيندو جنهن جي لاءِ پاڪستان طرفان 20 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ 8 رانديگر نوان شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔