ملائيشيا پاران پاڪستاني جهاز تحويل ۾ وٺڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي: ناصر شاهه

ڪراچيُ: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ملائيشيا پاران پاڪستاني جهاز کي تحويل ۾ وٺڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي،ٻن سالن ۾ اهڙو ڇا ٿيو آهي جو دوست ملڪ پاڪستان سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن، قومي ايئر لائن تي قبضو پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻجندو ، آخر ڇو حڪومت پي آءِ اي کي دنيا ۾ بدنام ڪري رهي آهي، جهاز معاملي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جو هٿ آهي، اسان اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته پي ٽي آءِ ٽيڪنوڪريٽس جو ٽولو آهي، جنهن کي ملڪ توڙي عوام جي مسئلن جي ڪا به ڳڻتي ناهي . ملائيشا سرڪار پاران رهتون ادا نه ڪرڻ تان پي آءِ اي جي جهاز کي تحويل ۾ وٺڻ واري معاملي تي رد عمل ظاهر ڪندي ناصر شاهه چيو ته ملائيشيا پاران پاڪستاني جهاز کي تحويل ۾ وٺڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي،ٻن سالن ۾ اهڙو ڇا ٿيو آهي جو دوست ملڪ پاڪستان سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن، قومي ايئر لائن تي قبضو پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻجندو ، آخر ڇو حڪومت پي آءِ اي کي دنيا ۾ بدنام ڪري رهي آهي. ناصر شاهه چيو ته ملڪ انيڪ بحرانن جي ور چڙهيل آهي پر موجوده حڪومت رڳو مخالفن خلاف ڪاررايون ڪرڻ ۾ پوري آهي. ناصر شاهه چيو ته نااهل حڪمرانن پاران فيصلن ۾ دير سبب پاڪستان هڪ زرعي ملڪ هجڻ باوجود ڪڻڪ، ڪپهه ۽ کنڊ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔