مراد علي شاهه اي سي سي اجلاس مان ٻاهر نڪري ڪوڙ ڳالهائيندو آهي: عمر ايوب

اسلام آباد: توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ايل اين جي جون قيمتون گهٽجي ويون آهن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي حقيقتن جي ڄاڻ آهي، پر گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ ٻاهر اچي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته اسان ملڪ ۾ گيس جي ويهن بلاڪس جا ٽينڊر کولي رهيا آهيون، وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ گيس بلاڪس لاءِ نوان ٽينڊر کولي رهيا آهيون. =وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر کي آئينو ڏيکاريون ٿا ته اهي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪن ٿا، انهن جا جلسا فلاپ ٿي رهيا آهن. هن الزام مڙهيو ته سنڌ ۾ عوام جي اناج تي ڌاڙو هنيو ويو. عمر ايوب جي الزامن کانپوءِ مخالف ڌر جي سينيٽرز بينچن تي بيهي احتجاج ڪيو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ آصف زرداري تي تنقيد ڪرڻ تي پ پ جي سينيٽر گوڙ ڪيو. ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ جو ذڪر ڪندي عمر ايوب چيو ته مسلم ليگ نون جي غلط رٿابندي جي قيمت موجودهه حڪومت ادا ڪري رهي آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔