سال جَي پهرين مهيني ۾ عوام مٿان ٻيو پيٽرول بم ، تيل اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد: وفاقي حڪومت نئين سال جَي پهرين ئِي مهيني عوام تي ٻيون ڀيرو پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، وزيراعظم جي منظوري بعد پيٽرول شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 3 رپيا 20 پئسا، ڊيزل 2 رپيا 95 پئسا مهانگو، لائيٽ ڊيزل 4 رپيا 42 پئسا ۽ گاسليٽ جِي في لٽر قيمت ۾ 3 رپيا واڌ ڪئي وئي،.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 109 روپيا 20 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 113 روپيا 19 پيسا ۽ گاسليٽ جي قيمت 76 روپيا 65 پيسا ٿي وئي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول اگهن ۾ 15 ڏينهن لاءِ واڌ ڪئي وئي آهي، تيل جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کانپوءِ لاڳو ٿي ويندا.ياد رهي ته وفاقي حڪومت 31 ڊسمبر 2020 تي پيٽرول اگهن ۾ 3 روپيا 95 پيسا في ليٽر اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔