سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊيٽا پروٽيڪشن قانون نه ٺاهڻ تي وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي : سڄي دنيا ۾ ڊيٽا پروٽيڪشن جو قانون موجود آهي ته اسان وٽ ڇو نه آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊيٽا پروٽيڪشن قانون نه ٺاهڻ تي وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ، ساڍا 11 ڪروڙ پاڪستانين جِي حساس ڊيٽا چوري ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران واٽس ايپ تي موجود ڊيٽا فيس بُڪ تي شيئر ٿيڻ واري معاملي جي به گونج آهي ، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته حڪومت کي ڊيٽا پروٽيڪشن جو قانون ٺاهڻو آهي ته پوءِ دير ڇو ڪئي پئي وڃي؟ جنهن وزارت جو جواب اچڻ ضروري آهي، اُن رپورٽ ئي جمع نه ڪرائي آهي، حڪومت کي قومي مامرو سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي، عدالت وفاقي قانون واري وزارت ۽ ٻين واڳيل اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو، اٽارني جنرل ۽ آءِ ٽي وزارت کان به رپورٽ طلب ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔