وزيراعظم جي اسامه ستي جي والد سان ملاقات، تعاون جي خاطري

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سبب مارجي ويل شاگرد اسامه ستي جي والد نديم يونس ستي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.

گهرو وزير شيخ رشيد به اسامه ستي جي والد کي فون ڪيو ۽ چيو ته اسامه جا وارث جيئن چاهيندا حڪومت اهڙي طريقي سان ئي جاچ ڪرائڻ ۾ پوري مدد ڪندي. هاءِ ڪورٽ جي جج جي نگراني ۾ جاچ چاهين ٿا ته قانون واري وزارت کي خط لکندس. گهرو وزارت طرفان انڪوائري ڪميٽي جي جاچ رپورٽ به ڏسنداسين. شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن هي انڪوائري رپورٽ مان مطمئن آهن ته ان کي اڳيان موڪليو ويندو وزيراعظم جو فيصلو آهي ته والد جهڙي طرح جاچ ڪرائڻ چاهي حڪومت ان جي پوري مدد ڪندي.

هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي جج کان انڪوائري ڪرائڻي آهي ته اوهان جي جواب جي انتظار ۾ آهيان اطلاع ڏيو ته گهرو وزارت طرفان قانون واري وزارت کي خط لکندس. هن چيو ته جاچ ۾ اوهان جو مطمئن ٿيڻ سڀني کان وڌيڪ ضروري آهي. آزادانه ۽ مڪمل جاچ جي لاءِ هميشه کان تيار آهيون.

هوڏانهن عدالت اسامه ستي قتل ڪيس جي پنجن جوابدارن جو وڌيڪ پنج ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري رهيا آهن ته سندن هٿان بي گناهه شهري مارجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔