عوام جعلي حڪمرانن کي رد ڪري ڇڏيو آهي: مولانا فضل الرحمان

لورا لائي : عمران خان کي ته وڃڻو ئي وڃڻو آهي، فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ کي عوام هلائيندو يا ڪجهه طاقتور ادارا هلائيندا، هاڻي ملڪ ۾ ادارن جي ابالادستي کي تسليم نه ڪيو ويندو، ملڪ ۾ پارليامينٽ ۽ عوام جي بالادستي هوندي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو لورالائي ۾ جلسي کي خطاب، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جعلي حڪومت ۽ وزيراعظم ۾ عقل ئي نه آهي، عوام جعلي حڪمرانن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇا ملڪ ان لاءِ ٺاهيو هو ته ادارا ڌانڌلي ڪن ۽ نااهلن کي عوام مٿان مڙهين، پي ڊي ايم ملڪ ۾ جمهوري فضائن جي بحالي لاءِ نڪتي آهي، پي ڊي ايم اندر ڪوبه جهيڙو نه آهي ۽ سموريون جماعتون جمهوريت جي بحالي لاءِ متحد آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔