وزيراعظم بجلي جي بريڪ ڊائون تي توانائي واري وزير جي ڪارڪردگي کان ناخوش

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم وزيرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

عمر ايوب ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بجلي جو بريڪ ڊائون انساني غلطي سان ٿيو، غفلت ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

وزيراعظم عمران خان وزيرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي وزيرن کي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ وزارتن تي گرفت بهتر بڻائڻ جو چيو. وزيراعظم عمران خان توانائي واري وزير عمر ايوب جي ڪارڪردگي کان به خوش نظر نه آيو، عمران خان چيو ته شهرين جي مسئلن سان جڙيل وزارتن وٽ غلطي جي گنجائش نه هئڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔