مونيڪا قتل ڪيس جي جاچ جاري، شڪ جَي بنياد تي وڌيڪ 10 ڄڻا گرفتار

خيرپور: وحشت بعد بيدردي سان قتل ڪيل معصوم مونيڪا ڪيس جي جاچ جاري، پوليس شڪ جَي بنياد تي وڌيڪ 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، مونيڪا لاڙڪ جي 4 مائٽن سميت گرفتار ٿيلن جو انگ 22 ٿي ويو، صدر جون ڀٽيون ۾ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل نينگري جون اڄ ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون وينديون، ايس پي هيڊ ڪوارٽر نوشيروال چانڊيو ۽ ڊي سي مونيڪا جي وارثن وٽ پهتا، مونيڪا جي وارثن طرفان پوليس تي بي اعتمادي ظاهر، نينگري جي وارثن ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌُرين طرفان مونيڪا لاڙڪ جَي ڪيس ۾ اصل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔