ارڙهين ترميم جي خلاف ڪير به ناهي، ڪجهه خاميون موجود آهن: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ارڙهين ترميم جي خلاف ڪير به ناهي، ڪجهه خاميون موجود آهن. ڪابينا اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز جو چوڻ هو ته ڪابينا آڊيٽر جنرل جي اختيارن بابت بل جي منظوري ڏيندي آڊيٽر جنرل جو دائري ڪار وڌائي ڇڏيو آهي. شبلي فراز جو چوڻ هو ته ارڙهين ترميم جي خلاف ڪير به ناهي، ارڙهين ترميم کان پوءِ وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪيون ويون جنهن سنا وفاقي حڪومت جي ملازمن جو حجم به وڌي ويو آهي، ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه خاميون موجود آهن جن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته اسان 445 ادارن کي 341 تي کڻي آيا آهيون، ڪجهه ادارا ضم ۽ ڪجهه ختم ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪورونا ويڪسين تي 120 کان 150 ملين ڊالر جي ڊيل ڪئي وئي آهي، جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهيو شهرين جي لاءِ ڪورونا ويڪسين آڻينداسين.هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) تي ڳالهيون نه ٿيون، عوام ڪرپشن بچائڻ ۾ ڪنهن جو ساٿ نٿو ڏيڻ چاهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔