نيب بابت اپوزيشن جي خدشن تي سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ اهم گڏجاڻي

اسلام آباد: مخالف ڌر جي قومي احتساب بيورو (نيب) بابت خدشن تي سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو. ذريعن موجب مشاورتي اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ ايوان جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان دوران نيب جي معاملي تي مخالف ڌر جي خدشن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا سمورا خدشا آڏو رکيا. سليم مانڊوي والا چيو ته نيب جي خلاف ٺهراءُ ۽ تحريڪ التوا جي فيصلي تي قائم آهيان، مشاورت ۾ خاص ڪميٽي جي قيام جي به تجويز ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب بابت خدشن تي پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ ٻئي اجلاس جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين نيب معاملي تي اهم مشاورتي اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔