پي ايم سي کي انٽري ٽيسٽ ۾ بيقاعدگين بابت شاگردن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: پشاور هاءِ ڪورٽ پي ايم سي جا پيپرز طلب ڪيا آهن ته اهو غلط آهي، پيپر چيڪ ڪرڻ عدالت جو ڪم نه آهي، سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته عدالتون نصابي مامرن ۾ مداخلت نه ڪنديون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جا ريمارڪس، عدالت پي ايم سي کي انٽري ٽيسٽ ۾ بيقاعدگين بابت شاگردن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي حڪم ڏئي ڇڏيو، شاگردن کي سڀاڻي ئي پي ايم سي اختيارين آڏو شڪايتون داخل ڪرڻ جي هدايت، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران شاگردن چيو ته ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا لاءِ امتحان وٺڻ صوبن جو اختيار آهي، وفاقي سطح تي انٽري ٽيسٽ نٿي وٺي سگهجي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ريگيوليٽري اٿارٽي صوبائي اختيار ۾ نٿي اچي، پي ايم سي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته امتحاني نظام کي ڪمپيوٽرائيز ڪيو آهي، فني مسئلن کي هڪ ڏينهن ۾ حل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔