سنڌ جون وڏيون اسپتالون ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ جون وڏيون اسپتالون ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت نه آهن، سنڌ حڪومت اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني ويڙهه جاري رکندي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته خط لکڻ يا آرڊيننس جاري ڪرڻ سان ادارا ڪنهن جي ملڪيت نه ٿي ويندا آهن، خرچن سوڌو ٻيون گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون آهن، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ ۽ جناح اسپتال سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، عدالتي فيصلي کان پوءِ به هيل تائين پي ٽي آءِ حڪومت اسپتالن تي هڪ رُپيو به خرچ ناهي ڪيو، سنڌ جي اسپتالن تي قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔