سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پي ايم سي جَي تڪراري نتيجن تي اسٽي آرڊر لاءِ درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، پي ايم سي جَي تڪراري نتيجن خلاف شاگردن جي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، ڌُرين کي نوٽيس جاري، ٻڌڻي دوران پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته ٽيسٽ ميرٽ موجب ٿي، ٽيسٽ ۾ ڪو هڪ به سوال نصاب کان ٻاهر نه هو، شاگردن جي وڪيل ٽيسٽ نتيجن واري لسٽ جاري نه ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ جو موقف غلط آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته شاگردن کي پنهنجي مستقل جو تعين ڪرڻ جو به حق ناهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪي شاگرد ميرٽ تي پاس ٿيا آهن، انهن جا نتيجا ڇو روڪيون؟، عدالت وڪيلن کي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔