بجلي بريڪ ڊائون بابت رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش، انساني غلطي قرار

اسلام آباد: 9 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون انساني غلطي قرار، توانائي واري وزير عمر ايوب شروعاتي جاچ رپورٽ وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڊو پاور پلانٽ جو سرڪٽ بريڪر غلط طريقي سان بند ڪرڻ سبب سڄو سسٽم ويهجي ويو، ڏينهن جو ڪم ڪندڙ عملو سرڪٽ بريڪر بند ڪرڻ بنا هليو ويو هو، رات واري شفٽ ۾ عملي سرڪٽ بريڪر جِي ارٿنگ ختم ڪرڻ بنا اُن کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گڊو پاور پلانٽ ئي بند ٿي ويو ۽ اُتان نڪرندڙ ٽرانسميشن لائينون به ٽِرپ ٿي ويون، گُڊو پلانٽ جَي بريڪر جِي مرمت به بنا منظوري جَي ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته انساني غلطي سبب پيدا ٿيل فني خرابي کي تيزي سان ٺيڪ ڪيو ويو هو……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔