وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات، مچ سانحي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ جو عزم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي ،ملاقات ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به موجود هو .

وزيراعظم آفيس کان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ قومي سلامتي بابت معاملن تي ويچار ڪيو ويو ، جڏهن ته بلوچستان جي علائقي مچ ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪئي وئي.

ان کان سواءِ ملاقات ۾ ايل او سي تي ڀارتي خلاف ورزين جو معاملو به غور هيٺ آيو ، ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو ۾پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل افتخار جو چوڻ هو ته هو الزامن جي معاملي ۾ نه ٿا پوڻ چاهين ، فوج تي لڳايل الزامن ۾ ڪو به وزن ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔