پاڪستان ميري ٽائيم سڪيورٽي ۽ ڪسٽم اختيارين جِي ڪارروائي،الحماد نالَي ٻيڙِي مان 16 ارب 30 ڪروڙ رپين جِي منشيات هٿ

ڪراچي : پاڪستان ميري ٽائيم سڪيورٽي ۽ ڪسٽم اختيارين جِي سمنڊ ۾ وڏي ڪارروائي ڪري الحماد نالَي ٻيڙِي مان 16 ارب 30 ڪروڙ رپين جِي منشيات هٿ ڪئي وئي. ميري ٽائيم سڪيورٽي جَي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل فيصل چيو آهي ته هٿ آيل منشيات ۾ 207 ڪلو ڪرسٽل آئس ۽ 227 ڪلو هيروئن شامل آهي، هن چيو ته هٿ آيل منشيات پاڙيسري ملڪ ڏانهن اسمگل ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي پئي وئي، ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔