آپگهاتي حملن جي واقعن ۾ 97 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي: ترجمان پاڪ فوج

اسلام آباد:  ترجمان پاڪ بابر افتخار فوج چيو آهي ته پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن جي واقعن ۾ 97 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي .

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ترجمان پاڪ فوج ميجر جنرل افتخار بابر جو چوڻ هو ته ان ڪانفرنس جو مقصد ملڪ جي مجموعي سڪيورٽِي صورتحال سان گڏ هڪ ڏهاڪي تائين سڪيورٽي جي چيلنجز کان اوهان کي آگاهي ڏيڻ ۽ انهن جو جائرو وٺڻ هو .

هن چيو ته گذريل 10 سال پاڪستان لاءِ هر طرح  سان چيلنجز جا سال هئا ، رڳو 2020 ۾ ئي چيلنجز سيڪورٽي چيلنجز کان سواءِ ٽڊي دل ۽ ڪووِڊ 19 جهڙِي وبا پاڪستان جي معيشت ۽ خوراڪ جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔