علي وزير ۽ ٻين جوابدارن خلاف قومي ادارن خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس جو چالان منظور

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي ايم اڳواڻ ايم اين اي علي وزير ۽ ٻين جوابدارن خلاف قومي ادارن خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ واري ڪيس جو چالان منظور ڪري ورتو ، عدالت جوابدارن جي ملاقات واري درخواست به منظور ڪري ورتي، جنهن بعد علي وزير پنهنجي ڪٽنب ۽ وڪيل سان ملاقات ڪئي، پوليس چالان ۾چيو آهي ته علي وزير ۽ ٻين جوابدارن قومي ادارن خلاف ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ گٿا لفظ استعمال ڪيا. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي اين اڳواڻ ۽ ايم اين اي وزير علي ۽ بين جوابدارن خلاف قومي ادارن خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ ۽ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس ايم اين اي علي وزير ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ڪيس جو چالان به عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن کي عدالت منظور ڪندي اي ٽي سي 12 نمبر ڏانهن منتقل ڪيو. عدالت علي وزير ۽ ٻين جوابدارن جي ملاقات واري درخواست به منظور ڪئي، جنهن بعد علي وزير پنهنجي ڪٽنب ۽ وڪيل سان ملاقات ڪئي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔