عمران خان اهڙو شخص آهي، جنهن وٽ انساني دل ناهي: محمد زبير

اسلام آباد: ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جي ترجمان محمد زبير چيو آهي ته جيڪو نقصان ٿيڻو هو، سو ٿي ويو، سليڪٽيڊ وزير اعظم جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو، عمران خان اهڙو شخص آهي، جنهن وٽ انساني دل ناهي. سوشل ميديا تي ٽوئيٽ ڪندي محمد زبير چيو ته هزارا برادري جي ماڻهن جو قتل ڪيو ويو، انهن سان همدردي ڪرڻ بدران جيڪو ڪجهه چيو ان تي کيس شرم اچڻ گهرجي. محمد زبير چيو ته عمران خان شهيدن جي وارثن کي بليڪ ميلر سڏيو،هي وزير اعظم جي ڪم ظرفي کي ظاهر ڪري ٿو. مريم نواز جي ترجمان چيو ته اسان سڀني کي سليڪٽيڊ جي باري ۾ خبر آهي، هن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري شهرين جي زندگين کي زهر بڻائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔