اينڪر مريد عباس قتل ڪيس: سي سي ٽي وي فٽيجز جي فرانزڪ رپورٽ عدالت ۾ جمع

ڪراچي: اينڪر مريد عباس قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، جاچ آفيسر واقعي واري هنڌ جي سي سي ٽي وي فٽيجز جي فرانزڪ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي روپوش جوابدار عادل زمان کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اينڪر مريد عابس قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جاچ آفيسر واقعي واري هنڌ جي سي سي تي وي فٽيجز جي فرانزڪ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. عدالت جاچ آفيسر کان روپوش جوابدار عادل زمان جي گرفتاري بابت پڇاڻو ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گهڻي ڪوشش باوجود جوابدا رجو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. عدالت جاچ آفيسر کي جوابدار عادل زمان کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي …..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔