مچ سانحي ۾ فوت ٿيل11 پورهيتن جا لاش دفنائڻ لاءِ تياريون مڪمل

ڪوئيٽا : مچ سانحي ۾ فوت ٿيل11 پورهيتن جا لاش دفنائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون، ڪوئيٽا جي هزارا ٽائون ۾ جنازي نماز بعد پورهيتن جا لاش دفنايا ويندا، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ وفاقي وزير علي زيدي جي اڳواڻي ۾ حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد هزارا برادري ڌرڻو ختم ڪري لاش دفنائڻ جو اعلان ڪيو هو، ڪوئيٽا ۾ ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد سنڌ سوڌو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به ڌرڻا ختم ڪيا ويا، ڪراچي ۾ 29 هنڌن تي لڳل ڌرڻا ختم ٿيڻ بعد ٽرئفڪ معمول تي اچي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔