ڪم نيب ڪندو آهي، ڀوڳڻو سپريم ڪورٽ کي پوي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: نيب ملڪ سان ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڪم نيب ڪندو آهي، ڀوڳڻو سپريم ڪورٽ کي پوي ٿو، ملڪ کي بچائڻو آهي يا نه، نيب کي مرضي هلائڻي آهي ته سيڪشن 9 ۾ ترميم ڪري، پوءِ جيئن وڻيس، تيئن ڪري، سپريم ڪورٽ جا جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، جسٽس محمد علي مظاهر نقوي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب وٽ مرضي سان ڪم ڪرڻ جو ڪو اختيار نه آهي، نيب ننڍن آفيسرز کي گرفتار ڪري ٿو، اصل فائدو وٺندڙن کي نٿو پڪڙيو وڃي، ٻڪري چور پنج سالن لاءِ جيل هليو ويندو آهي، وڏي ڪرپشن ڪندڙ آزاد گهمي رهيا آهن، هن ڪيس جي اصل جوابدار ۾ نيب هٿ ئي ناهي وڌو، عدالت جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ڊاڪٽر ڊنشا جي ضمانت منظور ڪري ورتي، نيب پراسيڪيوٽر ضمانت جي مخالفت نه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔