نئين سال جي شروعات ۾ برج الخليفه تي پاڪستان جو پرچم روشن

ڪراچي: نئين سال جي خوشيءَ ۾  متحده عرب امارات ۾ برج الخليفه تي پاڪستان جو پرچم روشن ڪيو ويو.

سال جي شروعات ۾ متحده عرب امارات جي برج الخليفه ۽ برج العرب تي شاندار آتشبازي ڪئي وئي ۽ برج الخليفه تي پاڪستان جو پرچم به روشن ڪيو ويو.

نيوزي لينڊ، آسٽريليا، تائيوان ۽ ٿاءِ لينڊ ۾ نئون سال 2021 شروع ٿي ويو آهي ۽ نيوزي لينڊ جي شهر آڪلينڊ جي اسڪاءِ ٽاور تي شاندار آتش بازي جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ نئين سال کي خوش آمديد چوڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو جمع ٿي ويا.

ان کان علاوه چين جي شهر ووهان ۾ به عوام رستن تي نڪري نئين سال کي خوش آمديد چيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔