پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس، اڄ اهم فيصلا ٿيندا

لاهور: اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو سربراهي اجلاس اڄ جاتي عمراهه ۾ ٿيندو جنهن ۾ اهم فيصلا ممڪن آهن.

اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پي ڊي ايم جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان لاهور پهچي ويو آهي جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.

پيپلزپارٽيءَ جي ذريعن موجب پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جو اعليٰ سطحي وفد شريڪ ٿيندو جنهن ۾ قمر الزمان ڪائره ۽ فرحت الله بابر سميت ٻيا اڳواڻ شامل هوندا.

ان کان علاوه اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سميت(ن) ليگ جا ٻيا مرڪزي اڳواڻ ۽ ٻين پارٽين جا سربراهه به شريڪ ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔