چيني پرڏيهي وزارت سي پيڪ تي ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو

بيجنگ: چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چائولي ڀارتي ميڊيا ۾ هلندڙ رپورٽن کي رد ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي.
ڪورونا وائرس باوجود سي پيڪ تحت ڪيترن ئي اهم منصوبن تي نمايان اڳڀرائي ٿي آهي جيڪا پاڪستان ۾ اقتصادي استحڪام سان گڏوگڏ ان وبا جي ڦهلاءَ تي ضابطو آڻڻ ۽ تدارڪ لاءِ به ڀرپور طور تي مددگار ثابت ٿي رهي آهي.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي باري ۾ چين ۽ پاڪستان عزم ڪندي چائولي پرزور لفظن ۾ چيو ته سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان پنهجي عزم تي پختا آهيون ۽ سي پيڪ جو مستقبل روشن آهي.
هن جو چوڻ هو ته عالمي اقتصادي ٻاڙائي باوجود سي پيڪ سميت”دي بيلٽ اينڊ روڊ“ تي چيني سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي بجاءِ اضافو ٿيو آهي ۽ چين ان سان لاڳاپيل ملڪن کي پنهنجي صلاحيت موجب مدد ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔