سونيا حسين 2020 کي پنهنجي لاءِ بهترين قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: ناليواري اداڪارا سونيا حسين 2020 کي پنهنجي لاءِ بهترين سال قرار ڏئي ڇڏيو.
سونيا حسين انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي ڀاڻيجي سان گڏ تصوير جاري ڪندي لکيو آهي ته جيتوڻيڪ 2020 ڏاڍو ڏکيو رهيو پر الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيترائي ڪارڻ آهن.
هن لکيو ته مان الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيان ٿي ته ان مون کي ڪورونا وائرس جي هن ڏکئي دور ۾ به جيئرو رکيو، صحت ۽ تندرستي عطا ڪئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون کي پياري ڀاڻيجي جي نعمت سان نوازيو.
واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ سونيا حسين جي وڏي ڀيڻ ڌيءُ کي جنم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔