موبائيل اسڪرين ٽٽڻ جو مسئلو حل، پاڻمرادو ٺيڪ ٿيندڙ ڊسپلي تيار

سيئول: ڏکڻ ڪوريا جي سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته اسمارٽ موبائيل فونز جي پاڻ ئي ٺيڪ ٿيندڙ اسڪرين ايجاد ڪئي وئي آهي.
مهانگي اسمارٽ موبائل فونز جي حوالي سان هميشه کي هڪ مسئلو رهيو آهي ته اسڪرين ٽٽڻ جو مٿس نشان بيهڻ سبب استعمال لائق ناهي رهندو ۽ هڪ ئي سيڪنڊ ۾ هزارن جو نقصان ٿي ويندو آهي.
پر هاڻ ڪوريا جي سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته السي تيل جي مدد سان اهڙو محلول دريافت ڪيو آهي جنهن سان موبائيل فون جي اسڪرين پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندي.
سائنسدانن موجب السي جي ٻج جي تيل سان محلول تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان ڪجهه منٽن ۾ اسڪرين پاڻمرادي ٺيڪ ٿي ويندي.
محققن جو چوڻ آهي ته مائيڪرو ڪيپسول ۾ الستي جي تيل ۽ پوليمر کي گڏائي موبائيل ۾ رکيو وڃي جيڪو اسڪرين ٽٽڻ يا رهنڊون اچڻ تي اُهو ڪيپسول پاڻ ئي اندر پکڙجي اسڪرين کي ٺيڪ ڪندو.
محققن جي دعويٰ آهي ته ان عمل سان 95 سيڪڙو تائين موبائيل اسڪرين ٺيڪ ٿي ويندي ۽ ان عمل ۾ رڳو 20 منٽ گهربل هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔