سليڪٽيڊ وزيراعظم هاڻي ريجيڪٽيڊ ٿي ويو: مريم نواز

اسلام آباد: سليڪٽيڊ وزيراعظم هاڻي ريجيڪٽيڊ ٿي ويو، نواز شريف ڏيهه واپس آيو ته حڪمرانن کي خبر پئجي ويندي، اسان جو جهيڙو عمران خان نه، پر سندس وڏڙن سان آهي، مريم نواز جي اسلام آباد ۾ وڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد، مري نواز چيو آهي ته نواز شريف جو نظريو آهي ته رياست مٿان رياست قائم ڪرڻ بند ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري واقعي مان ثابت ٿيو ته ملڪ ۾ رياست مٿان رياست قائم ٿيل آهي، ڊمي وزيراعظم کي واقعي جي خبر ئي نه هئي، ڪمزور حڪومت جي هوندي دشمن ملڪ ڀارت پاڪستان تي وار ڪندو آهي، عمران نيازي جي ڪمزور حڪومت ۾ پاڪستان ڪشمير جو ڪيس به هارائي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔