نواز شريف ڏيهه اچي ته استعيفائن وارو آپشن استعمال ڪرڻ کپي: پ پ سي اي سي اجلاس ۾ ميمبرز جي راءِ

ڪراچي: پ پ جِي سي اِي سي جَي اجلاس دوران ڪجهه ميمبرن راءِ ڏيندي چيو ته نوازشريف واپس اچِي لانگ مارچ جو حصو بڻجي. نوازشريف ڏيهه واپس اچي ته پوءِ استعيفيٰ جو آپشن استعمال ڪرڻ گهرجي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جِي صدارت ۾ اجلاس دوران پي ڊي ايم جِي تحريڪ سميت مجموعي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب ڪجهه ميمبرن چيو ته پ پ ڪنهن جِي به ڊڪٽيشن تي نه ٿي هلي سگهي، اسان نئين پي اين اَي نه ٿا بڻجي سگهون، رڳو پ پ ئي مزاحمتي سياست لاءِ تيار آهي، جمهوري قوتن کي ڏٽي ۾ نه اچڻ گهرجي. ذريعن موجب اجلاس دوران سينيٽ ۽ ننڍي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، اڪثر ميمبرز طرفان اسيمبليز تان استعيفيٰ ڏيڻ واري مامري ۾ تڪڙ نه ڪرڻ جِي تجويز، ڳڙهي خدابخش وارَي جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان طرفان شرڪت نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔