لانگ مارچ ۽ جلسن سان حڪومت کي ڪوبه فرق نه پوندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم پي ڊي ايم جي چوڻ تي ڇو  استعيفيٰ ڏئي؟ هو 31 جنوري تي استعيفيٰ نه ڏيندو؟

هن چيو ته پي ڊي ايم جي احتجاج، لانگ مارچ ۽ جلسن سان حڪومت تي ڪوبه فرق نه پوندو. 31 جنوري جي ڊيڊ لائن جو به اهوئي هڙ حاصل ٿيندو جيڪو 31 ڊسمبر جي ڊيڊ لائن جو ٿيو.

شاهه محمود چيو ته 31 ڊسمبر تي مخالفن جون اسعيفائون اچڻيون هيون. پي ڊي ايم وارا 31 جنوري جو انتظار ڇو ٿا ڪن؟ کين جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي اهو تڪڙو ڪري وٺن. پرڏيهي وزير چيو ته پي ڊي ايم ڪراچي ۾ اسرائيل نامنظور ريلي ڪڍڻ وڃي رهي آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهن کي ان جي ضرورت ڇو پيش آئي.؟ اصل ۾ اپوزيشن عوام کي ڌوڪو ڏئي رهي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته اسرائيل جي حوالي سان اسان جو موقف واضح ۽ سڌو آهي. مولانا اجمل قادري جو بيان وضاحت طلب آهي  ٻڌائڻو پوندو ته مولانا اجمل قادري  ڪنهن جي ايجنڊا تي ۽ ڪهڙو پيغام کڻي اسرائيل ويو؟ هن چيو ته اسرائيل کي مڃڻ جو اسان مٿان ڪنهن به قسم جو ڪوبه دٻاءُ نه آهي.

پاڪستان ۽ سعودي عرب  وچ ۾ تاريخي ڀائرن وارا لاڳاپا آهن. سعودي عرب نيامي ڊيڪلريشن ۾ کلي پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن ٻڌايو ته خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته سعودي عرب جو وڏو وفد جلد پاڪستان اچي رهيو آهي.

وفد ۾ سعودي پرڏيهي وزير سميت اهم شخصيتون شامل هونديون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت دهشتگردن جي تربيت ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي مدد ڪري رهيو آهي. هو فالس فليگ آپريشن جهڙو ناٽڪ ڪري سگهي ٿو. ڀارت پاڪستان جي خلاف پنهنجي زمين استعمال ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔