هي حڪومت ڇا ڪيرائيندا، پي ڊي ايم اتحاد پاڻ ٽٽي ويو: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته پي ڊي ايم اتحاد پاڻ ٽٽي ويو آهي، اُهي ڇا حڪومت کي ڪيرائيندا. شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت ايندي ئي پروپيگينڊا ڪئي وئي ته حڪومت ناڪام ٿي وئي، اتحاد ڪمزور ٿي ويو آهي، ڪيترين ئي پارٽين ۾ پي ڊي ايم خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، استعيفائن ۽ ڀڃ ڊاهه وارين ڳالهين مان هوا نڪري وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته ڪڻڪ جَي معاملي تي سنڌ حڪومت هوڏ جو مظاهرو ڪيو ۽ سياسي فائدي لاءِ ڪڻڪ رليز نه ڪئي، سنڌ ۾ ڪڻڪ مهانگي ٿي ۽ ڪڻڪ جِي فراهمي وارو عمل متاثر ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔