حددخلين جي خاتمي وارو ڪيس: سپريم ڪورٽ پاران وڏي وزير مراد علي شاهه کي هڪ مهيني جي مهلت

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن واري ڪيس ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ حددخلين جي  خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس ڪراچي ۾ حددخليون هٽائڻ جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل، سيڪريٽري بلديات ۽ ڪمشنر ڪراچي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.

جسٽس گلزار احمد چيو ته ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تي ڪيترو عمل ٿيو آهي.؟ ان تي ڪمشنر ڪراچي جواب ڏنو ته منهنجي هاڻ مقرري ٿي آهي. چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي تياري ڪري اچڻ گهرجي ها. هنن کي خبر ئي ناهي پوءِ ڇو هنن کي اسان جي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ موڪليو ويندو آهي هنن کي ڪهڙي خبر ته شهرين جون ڪهڙيون ضرورتون آهن.

چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته هاڻ اوهان تي چارج فريم ڪري اوهان کي ٻڌي ٿا وٺون. هاڻ اوهان کي جيل موڪلي ڇڏينداسين، اوهان کي خبر ئي ناهي ته ڪراچي جا مسئلا ڪهڙا آهن؟ جسٽس گلزار احمد چيو ته هي ڪيس چئن سالن کان هلي رهيو آهي هينئر تائين ڪجهه ناهي ٿيو. هڪ  ماڙ عمارت واري جڳهه تي ڊگهيون عمارتون تيار ڪيون پيون وڃن.

سرڪاري زمينون اوهان جي هٿن مان نڪري چڪيون آهن. پراپرٽي رجسٽر جا 29-20 رجسٽر بڻجي چڪا آهن جنهن کان پوءِ عدالت جي طلب ڪرڻ تي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سپريم ڪورٽ پهچي ويو جڏهن ته ان سان گڏ سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب به عدالت پهتا. چيف جسٽس پاڪستان مراد علي شاهه کان پڇاڻو ڪيو ته اسان زميني حقيقتون ڏسي رهيا آهيون، وزيراعليٰ صاحب ڇا تبديل ٿيو آهي.  چيف جسٽس  وڏي وزير مراد علي شاهه کان پڇاڻو ڪيو ته وزيراعليٰ صاحب اسان مئي 2019 ۾ حڪم ڏنو هو ان جو ڇا ٿيو؟ مراد علي شاهه جواب ڏنو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪري رهيا آهيون. معذرت چاهيان ٿو ته صحيح رپورٽ پيش نه ڪري سگهياسين.

چيف جسٽس چيو ته اسان کي اوهان جي معذرت جي ضرورت نه آهي. اسان کي حڪم تي عمل ڪرڻ جي رپورٽ ڏيو. سمورو حڪم نامو هاڻ پڙهي ٻڌايو ويو ٻڌايو ته ڪهڙو عمل ٿيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته معذرت سان ان ڳالهه تي اتفاق نٿو ڪريان ته ڪجهه به ناهي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته زميني حقيقتون اهي ئي آهن ته ڪجهه به ناهي ٿيو. اسان کي ڪابه هڪڙي شيءَ ٻڌايو، ڪراچي جي بهتري ۽ اصل شڪل ۾ بحالي لاءِ ڪهڙو قدم کنيو؟ مراد علي شاهه جواب ڏنو ته شهيد ملت کان طارق روڊ تائين نئين سيوريج لائنون، يونيورسٽي روڊ تعمير ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته ڪراچي جا شهري ته ڳوٺ ۾ رهندا آهن سمورو شهر ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. نه روڊ آهن، نه پاڻي، نه پارڪ، نه ميدان ڪجهه به نه آهي.جنهن تي وڏي وزير مراد علي شاهه درخواست ڪئي ته ٻن هفتن جي مهلت ملي وڃي ته عمل ڪرڻ واري رپورٽ پيش ڪنداسين. جنهن تي عدالت کيس هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔