ميئراسلام آباد جي چونڊ لاءِ پولنگ جوعمل جاري

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ميئر لاءِ پولنگ ٿي رهي آهي جيڪا شام جو پنجين وڳي تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندي.

اسلام آباد جي اڳوڻي ميئر شيخ انصر عزيز جي استعيفيٰ کان پوءِ ميئر جي سيٽ خالي ٿي هئي. پولنگ اسلام آباد جي سيڪٽر جي 6 جي ميئر آفيس ۾ ٿي رهي آهي.

ميئر جي چونڊ لاءِ گڏيل طور تي 3 اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو آهي جنهن ۾ پير عادل شاهه(ن) ۽ ملڪ ساجد محمود پي ٽي آءِ جا اميدوار  آهن. جڏهن ته اظهر محمود آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾  حصو وٺي رهيو آهي. ميئر جي چونڊ لاءِ 73 ووٽرز پنهنجو ووٽ ڪاست ڪندا.

ميئر اسلام آباد جي چونڊ لاءِ اليڪٽرول ڪاليج 80 جو آهي جنهن ۾ اسلام آباد جا  50 يوسي چيئرمين، 3 ڊپٽي ميئر ووٽ ڪاسٽ ڪندا. ٽوٽل 17 مخصوص سيتن جي عهديدار به ميئر جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔