ملڪ ۾ ماڪ ۽ ڪوهيڙي جي راڄ ،پي آءِ اي ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪري ڇڏيون

ملڪ ۾  ماڪ ۽ ڪوهيڙي جي راڄ سبب پي آءِ اي ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪري ڇڏيون، اڪثر اڏامون 4 کان 6 ڪلاڪ دير سان روانيون ٿيون، پي آءِ اي ترجمان موجب لاهور، ملتان، فيصل آباد ۽ ان جي ڀرپاسي موسم بهتر ٿيڻ تائين اڏامون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته موسم سازگار نه هجڻ ڪري پرڏيهه مان ايندڙ فلائيٽس  کي متبادل ايئرپورٽ تي لاٿو ويندو، ان کان علاوه لاهور مان گلگت، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن اڏامون معطل ڪيون ويون آهن، ترجمان چيو آهي ته ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ ماڻهن کي گهرجي ته اهي پنهنجو نمبر ضرور ڏين، جيئن کين شيڊيول بابت آگاهي ڏئي سگهجي، ان کان علاوه ايئرپورٽ تي اچڻ کان اڳ ماڻهو پي آءِ اي آفيس تي فون ڪري رابطو ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔