ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گھٽتائي نه اچي سگھي آهي ۽ ٿرپارڪر واسيءَ سميت وڌيڪ 59 ماڻهو ڪورونا سبب فوت

اسلام آباد / ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گھٽتائي نه اچي سگھي آهي ۽ ٿرپارڪر واسيءَ سميت وڌيڪ 59 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 183 نوان ڪيس  ظاهر ٿيا آهن. سنڌ ۾ وڌيڪ هڪ هزار35 مريضن کي ڪورونا وڪوڙي وئي، 22 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا بابت انگر اکر جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جون ٻه لک 11 هزار 276 ٿي ويو آهي ۽ ڪورونا وگهي فوتين جو تعداد 3491 ٿي ويو آهي، هن وقت ٻه هزار 18 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته نون ڪيسن ۾ 845 ڪراچي، ڪشمور30، بدين 19، نوابشاهه 17، سانگهڙ ۽ ڄامشورو ۾ 7-7، گهوٽڪي، نوشهرو فيروز ۽ جيڪب آباد ۾ 6-6، ٽنڊو محمدخان 4، عمرڪوٽ 3، لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 2-2 ۽ ٺٽي ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. حيدرآباد ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 55 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ ڪورونا سٽيل مريضن جو انگ وڌي 8 هزار 962 ٿي ويو آهي.  نون ظاهر ٿيل ڪيسن مطابق قاسم آباد ۾ 25، لطيف آباد ۾ 16، سٽي ۾ 11 ۽ ٻهراڙي تعلقي ۾ 3 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي ٿرپارڪر واسي 57 سالن جو پيرسن موتي رام حيدرآباد جي اسپتال ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔