ڪرپٽ ٽولو جمهوري حڪومت کي غير جمهوري انداز ۾ ڪيرائڻ چاهي ٿو: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ نڪتل ڪرپٽ ٽولو چاهي ٿو ته جمهوري حڪومت کي غير جمهوري انداز ۾ ڪيرايو وڃي، اپوزيشن رڳو ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿي. فواد چوڌري ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي قومي اداري تي تنقيد ڪئي وئي. هن چيو ته اپوزيشن جي ايجنڊا ئي ملڪ ۾ ڇڙواڳي پيدا ڪرڻ آهي. شبلي فراز چيو ته جيڪي فيصلا مخالفن جي حق ۾ اچن ٿا، اهي عدالتون انهن کي آزاد لڳن ٿيون،مخالفت ۾ هجن ته اڻ وڻندڙ لڳن ٿا. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته مريم نواز لاڙڪاڻي ۾ وڃي ٿي ته ان کي محترما بينظير ڀٽو ياد اچي ٿي،لاهور پهچن ٿا ته جاڳ پنجابي جاڳ جا نعرا هڻن ٿا ۽ مودي وٽ سمورن معاملن جو ذميوار فوج کي قرار ڏين ٿا. هن چيو ته مريم نواز جو وڏو مسئلو ان جو چاچو ۽ سئوٽ آهن، پي ڊي ايم جي اسٽيج کي وفاق خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي،جيتري تيزي سان ن ليگ رنگ تبديل ڪري ٿي، ايترو سانڊو به تبديل نه ڪندو آهي.. فيصل واوڊا چيو ته مريم نواز پريشاني جي ان موڙ تي پهچي چڪي آهي،جتان واپسي ممڪن نظر نٿي اچي، شاهد خاقان عباسي نوازشريف جيان ڀڳوڙو نه ٿيندو،هو خانداني ماڻهو آهي،انساني همدردي جي بنياد تي هن کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو ويو آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔