ٽي ٽوئنٽي جي ڀيٽ ۾ اسان جو ٽيسٽ اسڪواڊ وڌيڪ مضبوط آهي: رضوان

لاهور : نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ قومي ٽيم جي مقرر ڪيل ڪپتان محمد رضوان پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ کي ٽي ٽوئنٽي کان وڌيڪ مضبوط قرار ڏئي ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل ويڊيو لنڪ بيان ۾ محمد رضوان چيو ته اهم ميچ ۾ بابر اعظم جي کوٽ ضرور محسوس ٿيندي، انجري باوجود بابر اعظم جيئن ٽريننگ سيشن ۾ موجود رهندو آهي، اهو واکاڻ جوڳو آهي، هو ٻاهر ويهي به بيٽسمينن جي مدد ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته اسان ڀرپور پريڪٽس ڪري رهيا آهيون، هن وقت بالر ۽ بيٽسمين سٺي رڌم ۾ لڳي رهيا آهن، پاڪستان شاهينز جي فتح کانپوءِ رانديگرن جا حوصلا بلند آهن، نيوزيلينڊ خلاف سٺو مقابلو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي جي ڀيٽ ۾ اسان جو ٽيسٽ اسڪواڊ وڌيڪ تجربي ڪار ۽ مضبوط آهي، جنهن ۾ شان مسعود، اظهر علي، فواد عالم ۽ حارث سهيل جهڙا بيٽسمين موجود آهن، بالنگ جي شعبي ۾ به اسان وٽ محمد عباس، ياسر شاهه ۽ شاهين آفريدي موجود آهي، اسان ڀرپور محنت ڪنداسين، نتيجو الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔