فضل الرحمان مولانا شيراني ۽ حافظ حسين کي جواب ڏيڻ بدران پارٽيءَ مان ڪڍيو: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن جماعتن جو ادارن کان هڪ جمهوري حڪومت کي ختم ڪرڻ جو مطالبو کِل جوڳو آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته اپوزيشن ادارن کان مطالبو ڪري ٿي ته جمهوري حڪومت کي هٽائي انهن کي حڪومت ۾آندو وڃي ۽ بعد ۾ نيوٽرل ٿي وڃن، جنهن حڪومت کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو، اها شفاف چونڊن ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي، جنهن جي گواهي عالمي اداري فافين به ڏني، تحريڪ انصاف 2013 جي چونڊن لاءِ هڪ تحريڪ هلائي وئي، جيڪا قانوني ۽ جمهوري طريقي سان نتيجن تي پهتي، جنهن ۾ سمورن مرحلن کي طئي ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن وٽ وياسين، سپريم ڪورٽ وٽ وياسين، هڪ جڊيشل ڪميشن ٺهي. هن چيو ته اپوزيشن وٽ ڌانڌلي جا ثبوت آهن ته پيش ڪيا وڃن،هڪ سياسي اڳڀرائي ٿي آهي، جيڪو شخص حڪومت مخالف تحريڪ جي سربراهي ڪري رهيو آهي، ان خلاف پنهنجي پارٽي اندر تحريڪ شروع ٿي آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته مولانا فضل الرحمان سوالن جا جواب ڏيڻ بدران ڌمڪيون پيو ڏئي، هو قانون کان مٿانهون ناهي، کيس حساب ڏيڻو پوندو، مولانا فضل الرحمان جي اربين رپين جي ملڪيتن جا ثبوت پيش ڪندس. علي امين گنڊاپور چيو ته پنهنجن پارٽين جي ماڻهن کي حق ۽ سچ جي ڳالهه تي ڪڍڻ جمهوريت ناهي، پي ڊي ايم کي ڊڪيت قومي موومينٽ جي نالي سان لکيو ۽ پڙهيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔