سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران شرٽ جا بُٽڻ کولي پيش ٿيڻ تي محمد بخش مهر تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: شرٽ جا بٽڻ بند ڪري بيهو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شرٽ جا بُٽڻ کولي عدالت آڏو پيش ٿيڻ تي پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ محمد بخش مهر جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر طرفان پ پ ايم اين اي خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي، عدالت محمد بخش مهر خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ نيب کي 9 فيبروري تائين ملهت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔