پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 111 ماڻهو فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ هڪ سئو 11 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 هزار 256 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ڪورونا وگهي وڌيڪ 111 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو مجموعي انگ 9 هزار 668 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ڪورونا جا 2 هزار 256 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 4 لک 4 65 هزار 70 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ملڪ ۾ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 38 هزار 268 آهي. پاڪستان ۾ 4 لک 17 هزار 134 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔