ڪريتي سينن ڪورونا وائرس کي هارائي ڇڏيو

ممبئي : بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ڪريتي سينن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڀارتي سندري جي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ قرنطينه ۾ هئي.
ڪريتي سينن گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته مان ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي وئي آهيان.
هن چيو ته توهان سڀني کي ٻڌائيندي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي آهي.
اداڪارا پنهنجي ڊاڪٽر سان گڏوگڏ انهن جا پڻ ٿورا مڃيا، جن سندس صحتيابيءَ لاءِ دعائون ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔