نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

هيملٽن: نيوزيلينڊ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
هيملٽن ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ثابت ٿيو ۽ پاڪستاني ٽاپ آرڊر مڪمل طور فلاپ ٿي ويو پر محمد حفيظ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي رڳو 57 بالن تي 99 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم جو اسڪور 163 تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
محمد حفيظ آخر تائين ناٽ آئوٽ رهيو ۽ رڳو هڪ رنس جي فرق سان ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جي پهرين سينچري کان محروم رهيو، سندس اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا.
ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان 22، حيدر علي 8، ڪپتان شاداب خان 4، خوشدل شاهه 14، فهيم اشرف 4 ۽ عماد وسيم 10 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عبدالله شفيق کاتو ئي نه کولي سگهيو.
نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته نيشم ۽ سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ميزبان ٽيم گهربل هدف 19.2 اوورن ۾ رڳو هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڪيويز جو آئوٽ ٿيندڙ اڪيلو رانديگر مارٽن گپٽل هو، جنهن 21 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽم سيفرٽ 84 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 57 رنسن جي اننگز کيڏي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي 3 ميچن جي سيريز پڻ 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميچ جو بهترين رانديگر 4 وڪيٽون وٺندڙ نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽم سائوٿي کي قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔