ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 7 مرڪزي اڳواڻن مٿان فرد جرم لاڳو

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري عدالت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 7 مرڪزي اڳواڻن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت(اي ٽي سي) ڪراچي ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت وسيم اختر، فاروق ستار، سلمان مجاهد بلوچ، ريحان هاشمي سميت ٻين مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. وسيم اختر، فاروق ستار، سلمان مجاهد بلوچ، ريحان هاشمي، خواجه اظهارالحسن، رئوف صديقي سميت ٻين جوابدار ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت جوابدارن  خلاف 12 جنوري تي گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي. گذريل ٻڌڻي تي ڪيس جي سرڪاري گواهه ايم ڪيو ايم جي 6 جوابدار ڪارڪنن جي عدالت واري ڪمري ۾ سڃاڻپ ڪري ورتي هئي ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته جوابدار ڀڃ ڊاهه، باهيون ۽ ميڊيا هائوس تي حملي ۾ ملوث آهن. ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل جرح مڪمل ڪري ورتي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن. سلمان مجاهد بلوچ طرفان عدالت ۾ سرنڊر ڪرڻ تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي خلاف 2016 ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

22 آگسٽ 2016 تي ايم ڪيو ايم باني طرفان پاڪستان مخالف تقرير ۽ ميڊيا  هائوس تي حملن ۾ سهولتڪاري تي فاروق ستار، خالد مقبول صديقي ۽ عامر لياقت حسين سميت ٻين تي ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. عدالت ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔